اختر حسين رائيپوري ڊاڪٽر

اختر حسين رائيپوري ڊاڪٽر: ڊاڪٽر اختر حسين رائيپوري اردو ٻوليءَ جو ممتاز ترقي پسند اديب، محقق، نقاد، مترجم ۽ استاد، سيد اڪبر حسين جو پٽ 12 جون 1912ع تي رائيپور ۾ پيدا ٿيو. هي ڊپٽي سيڪريٽري تعليم ۽ چيئرمين ڪراچي ثانوي بورڊ، پهريون ڊائريڪٽر يونيسڪو ڪراچي ۽ وزيٽنگ پروفيسر ڪراچي يونيورسٽي پڻ رهيو. سندس تصنيفون هي آهن: 1. محبت اور نفرت 1938ع، 2. زندگي ڪا ميلا 1947ع، ڊاڪٽر اختر حسين ڪَي افساني، 4. ادب اور انقلاب، 5. روشن مينار، 6. گورڪي ڪِي آپ بيتي، 7. گردِ راه (خودنوشت)، 8. شڪنتلا (ترجمه)، 9. پياري زمين (ترجمه)، 10. مقالات گارساندتاسي. هن نامور شخصيت 2 جون 1992ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1912.06.12  عيسوي

اختر حسين رائيپوري ڊاڪٽر: ڊاڪٽر اختر حسين رائيپوري اردو ٻوليءَ جو ممتاز ترقي پسند اديب ، محقق ، نقاد ، مترجم ۽ استاد ، سيد اڪبر حسين جو پٽ 12 جون 1912ع تي رائيپور ۾ پيدا ٿيو .


1992.06.02  عيسوي

اختر حسين رائيپوري: هن نامور شخصيت 2 جون 1992ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جتوئي غلام مرتضيٰ خان
دلير رند سخي
پرڀداس برهمچاري
محمد حسن جان رحه سرهندي ٽکڙائي
جروار نذير احمد ڊاڪٽر
رمضان مگسي
آشا درگاپوري
لعل بخش جسڪاڻي ڊاڪٽر
جاڙڪ خان
شاهه حسين بخاري جو مقبرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون